ڇاڇرو 3

ڇاڇرو 3

ڇاڇرو 3

ڇاڇرو2: ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي ڇاڇري جي هڪ ديهه، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: رتن جي ڍاڻي، عارب جي ڍاڻي، علڻ آباد، ڪِيتار، ڪاگيا، لپلو، ڀارمل جي ڍاڻي، ڀاڏاسنڌا، ڀوتيو، تماچي جي ويري، سوکرُو، مٿارو ۽ قوبل جو تڙ. ڇاڇرو 3: ڇاڇرو، ٿرپارڪر ضلعي جو مشهور شهر ۽ تعلقي ڇاڇري جو هيڊڪوارٽر آهي. هي تعلقو نه رڳو ٿر پر پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو تعلقو آهي. ڇاڇرو250 6 0 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 700 18 0 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن شهر ۾ 1781ع ۾ مدد خان پٺاڻ وڏي ڦرلٽ ڪئي هئي، جڏهن ته 1965ع ۽ 1971ع جي لڙاين ۾ به هن ڀريي ڀڪليي شهر کي ڪافي نقـصـان پـهـتـو هـو. هـتـي مهيشوري، برهمڻ، سوٽهڙ، کٽي، مينگهواڙ، گُرڙا، بجير، ڪنڀار، سنگراسي، جنجهي، راهمان ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. هي واپار جو سٺو مرڪز آهي. ڇاڇرو تعلقو 7249 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. ڇاڇرو روڊ رستي عمرڪوٽ، مٺي، چيلهار، اسلام ڪوٽ ۽ ڪانٽيي سان مليل آهي. هن تعلقي جا کٿا ۽ لويون مشهور آهن. هن شهر ۾ بجلي، واٽر سپلاءِ، ٽيليفون، اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، مختيارڪار آفيس، اسپتال، مسافرخانو ۽ ٻيون سهوليتون آهن. شهر جي رهاڪن ۾ ملازمت پيشه ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي اڪثريت آهي. پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪوئلي جو ذخيرو ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي جي حدن ۾ مليو آهي، ان ڪري مستقبل ۾ هن شهر جي ترقيءَ جا امڪان روشن آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو